لعل بخش چنو

لعل بخش چنو

لعل بخش چنو

لعل بخش چنو: مشھور سازندي ۽ موسيقار لعل بخش ولد احمد بخش چني، پھرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. اِبتدائي ۽ ثانوي تعليم رتيديري شھر مان حاصل ڪري، ’شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور‘ مان ايم. اي (اِقتصاديات) ڪئي. کيس موسيقيءَ جو شوق ننڍپڻ کان ٿيو ۽ پنھنجي ڳوٺ جي ڪلاسيڪل راڳي علي محمد وڳڻ ۽ اڳتي هلي نامور طبلا نواز اُستاد قادر بخش کان طبلي ۽ ڍولڪ جي سکيا ورتي. بعد ۾ هي مختلف اُستادن کان بينجو ۽ هارمونيم پڻ سِکيو. هن اِسٽيج آرٽسٽ طور ملڪي سطح جي نامور راڳين سان ڍولڪ، هارمونيم ۽ بينجو تي سنگت ڪئي آهي. سندس هڪ ڪتاب ’نوراني نصيحتون‘ 2011ع ۾ ڇپيل آهي، جنھن ۾ هن پنھنجي پھرئين اُستاد علي محمد وڳڻ پاران مليل سبقن ۽ نصيحتن کي قلمبند ڪيو آهي. لعل بخش چنو حڪمت جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ معاشي حوالي سان شھر رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سندس دواخانو پڻ آهي


لفظ لعل بخش چنوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.01  عيسوي

مشھور سازندي ۽ موسيقار لعل بخش ولد احمد بخش چني، پھرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي غلام مرتضيٰ خان
سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري
ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي
صادق حسين قريشي
چٺا حامد ناصر
درويش عيسيٰ دشتي
ذوالفقار مرزا
ديبلي احمد بن محمد
سيد بدرالدين
بيگم آغا خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون